اسلام آباد -19 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪ بحريه پنهنجي م??لسل نگراني ۽ پيشيواراڻي مهارت سان نشاندهي ڪندي 16 آڪٽوبر 2021ع ت?? هڪ ڀيرو ٻيهر ڀارتي آبدوز کي پاڪستاني پاڻي ۾ داخل ٿيڻ کان روڪي ڇڏيو.
پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري ش??بي آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل بيان مطابق پاڪ بحريه طرفان پاڪستان جي سامونڊي حدن جي سيڪيورٽي م??حول ۾ سخت نگراني ڪئي ويندي آهي ۽ اها پنهنجي نوعيت جو ٽيون واقعو آهي جنهن ۾ پي اين لانگ رينج ميري ٽائيم پيٽرول ايئر ڪرافٽ ذريعي ڀارتي بحريه جي آبدوز جو وق?? کان اڳ پتو لڳايو ۽ ان جو سراغ پڻ لڳايو.
آءِ ايس پي آر مطابق هاڻوڪو واقعو مادر وطن جي سامونڊي حدن جي دفاع لاءِ پاڪ بحريه جي عزم جي عڪاسي ڪري ٿو.