اسلام آباد – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان مثالي پناهگاه?? جو قيام جلد عمل ۾ آڻڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته پناهگاه?? جو مقصد غريب طبقي جي ع??ام جي وقار کي مجروح ٿيڻ کان بچائڻ آهي. اهڙن خيال?? جو اظهار هن ??ربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ??اڻس ملاقات ڪئي. ان موقعي تي بيت المال جو ايم ڊي، سي ڊي اي جو چيئرمين ۽ لاڳاپيل آفيسر به موجود هئا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ وزيراعظم کي پناهگاهن ??ي صورتحال ۽ بهتري لاءِ جوڙيل جامع منصوبي تي بريفنگ ڏني وئي، وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته منصوبي تي ٽن مرحلن ۾ عملدرآمد ڪيو ويندو، منصوبي موجب موجوده پناهگاهن ۾ سهولتن جي فراهمي ۾ بهتري آندي ويندي، نجي عالمي معيار جي هوٽلن مان پناهگاهن ??ي عملي کي تربيت فراهم ڪئي ويندي، پاليسي تي عمدلرآمد لاءِ هڪ بورڊ ۽ انتظامي معاملن کي ڏسڻ لاءِ هر پناهگاهه ۾ 4 رڪني بورڊ جوڙيو ويندو، سهولتن جي حوالي سان ڊجيٽل ڊيش بورڊ جوڙيو ويندو جيڪو نگراني ۾ مدد ڪندو. ڊيش بورڊ کي موبائيل جي ذريعي باآساني هلائي سگ??جي ٿو ۽ موجوده پناهگاهن ۾ مسئلن جي نشاندهي ڪري انهن کي حل ڪيو ويندو. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته پناهگاهن کي ان مقصد جي لاءِ تعمير ڪيل عمارتن ۾ منتقل ڪرڻ به منصوبي جو حصو آهي، پناهگاهن ??ان گڏ احساس ون ونڊو سينٽر به کوليا ويندا، ون ونڊو سينٽر جي ذريعي پناهگاهن ۾ رهندڙ اهل ماڻهن کي احساس تحت ٻين پروگرامن مان سهولت وٺڻ ۾ آساني ٿيندي، وزيراعظم هدايت ڪئي ته جن پناهگاهن ??ي ماڻهن ??ي رش آهي انهن ??ي خصوصي ڌيان ڏنو وڃي. هن چيو ته پناهگاهن ??ا?? جو سياست سان ڪو به تعلق نه آهي، ا?? جو تعلق الله ۽ ان جي مخلوق جي خدمت سان آهي. پناهگاه?? جو مقصد معاشي طور تي غريب طبقي جي ماڻهن ??ي وقار کي مجروح ٿيڻ کان بچائڻ آهي، پناهگاهن کان پهرين غريب ماڻهو روڊن تي سمهڻ تي مجبور هئا، وزيراعظم هدايت ڪئي ته منصوبي موجب مثالي پناهگاه?? جو قيام جلد عمل ۾ آندو وڃي.