اسلام آباد -15 سيپٽمبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، خصوصي قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته پاڪستان ۾ جم??وري ادارن جي بهتري لاءِ قدم کڻڻا پوندا. جم??وري ادارن جي استحڪام لاءِ وڌيڪ بهتري جي گنجائش موجود آهي. دنيا ۾ جم??وريت کي چئلينجن جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي. ڪنهن سوچيو به نه هو ته ڪيپيٽل هل تي حملو ٿيندو. اها ڳالهه گذريل ڏينهن يوم جم??وريت جي عالمي موقعي تي رٿيل تقريب کي خطاب ڪندي چئي. هن چيو ته 20 سالن کان دنيا ۾ جم??وريت جي ارتقا ڏٺي وئي آهي ته هو انتهاپسندي ۽ عدم برداشت ۾ واڌ ٿي آهي. اهڙا ملڪ جتي جم??وريت قائم آهي اتي اسان کي اهڙا منظر ۽ ڇڪتاڻ ڏسڻ ۾ ملي آهي جنهن جي باري ۾ اڳ ڪڏهن سوچيو به نه هو. هن چيو ته جم??وريت جي مضبوطي لاءِ احتساب جو هڪ اهڙو نظام هئڻ گهرجي جو جيڪڏهن ڪو غلطي ڪري ته ان کي ڪٽهڙي ۾ آڻي سزا ڏئي سگهجي. آزاد ميڊيا کان سواءِ جم??وريت مڪمل نه هوندي آهي. هن چيو ته 2007ع ۾ عدليا جي حوالي سان مهم هلي ته ان وقت اسان به روڊن تي نڪتا هئاسين ۽ آزاد عدليه کان سواءِ جم??وريت جو تصور ئي ناهي. هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي دور ۾ ملڪ اندر جم??وريت مضبوط ٿي آهي ان ۾ بهتري جي گنجائش موجود آهي. ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو 2013ع ۾ پرامن طريقي سان اقتدار منتقل ٿيو جم??وري دور مسلسل 13 سالن کان هلي رهيو آهي. هن چيو ته هن وقت ڪوڙين خبرن جي پکيڙ ۾ واڌ ٿي آهي، ان حقيقت کان ڪير به انڪار نٿو ڪري سگهي ته ڄاڻايل ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي تي سمورين واڳيل ڌرين کي ملي ڳالهائڻ گهرجي. جم??وريت ان وقت مضبوط ٿيندي آهي جڏهن عوام کي محسوس ٿئي ته جيڪڏهن جم??وري نظام نه هوندو ته منهنجي زندگي ۾ ابتري پيدا ٿيندي بهتري نه ايندي. ماڻهن کي ايئن ئي محسوس هئڻ گهرجي ته کين ترقي جي سفر ۾ جائز ح??و ملي رهيو آهي. وزيراعظم جي بنيادي پيغامن ۾ هڪ اهو به پيغام آهي ته سڀ کان ڪمزور طبقي ۽ پٺتي پيل علائقن ۾ ترجيحي بنيادن تي وسيلا مهيا ڪيا وڃن. احساس پروگرام تحت انهن طبقن کي سهولتون فراهم ڪيون. بلوچستان، اندروني سنڌ، گلگت بلتستان جي پٺتي پيل علائقن لاءِ پئڪيج ڏنا، ڪراچي لاءِ 2 کرب جا 4 پئڪيج ڏنا، بلوچستان لاءِ تاريخ م سڀ کان وڏو ترقياتي پئڪيج ڏنو جو اتي جون مخالف جماعتون پاڻ چئي رهيون آهن ته اڄ کان اڳ ايترو وڏو ترقياتي پئڪيج بلوچستان کي ڪنهن به نه ڏنو.