اسلام آباد – 15 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪستان پريس سيڪشن کي عالمي ميڊيا پاران ڪابل مان نڪرڻ ۾ سهولت جي لاءِ سوين ويزا درخواستون مليون آهن. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته انٽرنيش??ل ميڊيا جي ميمبرن جي سهولت لاءِ هڪ خصوصي سيل ٺاهيو ويو آهي، اسان ا??غانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ دعاڳو آهيون.