اسلام آباد – 29 ا??ري?? (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته راوي سٽي منصوبو هڪ فليگ شپ مصنوبو آهي جيڪو معاشي ترقي ۾ انتهائي اهميت رکندڙ آهي، ملڪ ۾ ماحولياتي تحفظ لاءِ جيڪي قدم موجوده حڪومت کنيا آهن انهن جو ماضي ۾ مثال نٿو ملي. هن اهڙن خيالن جو اظهار راوي سٽي ۽ سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ منصوبن ??ي اڳڀرائي جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. نئون پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر ۽ سي اي او راوي اربن ڊلپمينٽ اٿارٽي وزيراعظم ک?? راوي سٽي ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي، خاص طور ت?? بڊنگ جي آغاز، ماحولياتي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ لاڳاپيل ڌرين جي مشاورت سان تجويز ڪيل لائحه عمل، زمين حاصل ڪرڻ ۽ قاعدن ۽ ضابطن بابت لاڳاپيل معاملن کي فاسٽ ٽريڪ جي بنيادن ??ي اڪلائڻ جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني، راوي سٽي جي مختلف زونز جي ڊولپمينٽ ۽ ٻاهرين سيڙپڪار ڪمپنين جي منصوبي ۾ گهري دلچسپي، خاص طور ??ي اڄ راوي سٽي جي هڪ زون جي لاءِ 5 مشهور سيڙپڪار گروپس طرفان بڊنگ جي آغاز ۽ مستقبل ۾ نئين زونز ۾ لينڊ ڊولپمينٽ لاءِ عالمي ڪنسورشيم طرفان دلچسپي تي به اجلاس کي بريف ڪيو ويو. اجلاس کي راوي سٽي ۾ ٽيڪنالاجي زون ۽ نالج سٽي جي زونز جي ڊولپمينٽ جي ڏس ۾ نجي شعبي جي سهڪار ۽ مفاهمت جي يادداشت تي صحيحن جي حوالي سان ٿيندڙ شروعا??ي اڳڀرائي، ايشين ڊولپمينٽ بئنڪ جي فنانسنگ سان ويسٽ اوٽر ٽريٽمينٽ پلانٽ جي قيام، زمين حاصل ڪرڻ ۾ زمين ??ال??ن کي مناسب قيمتن جي ادائيگي جي ڏس ۾ معاملن ۾ فيصلائ??ي اڳڀرائي، گرين ايرياز جي قيام ک?? يقيني بڻائڻ ۽ مشهور يونيورسٽين سان راوي اربن ڊولپمينٽ ينگ ليڊرز پروگرام تحت نوجوانن جي لاءِ ملازمت جي تجويز ڪيل پروگرام تي به وزيراعظم ک?? تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.