اسلام آباد – 02 اپريل (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ سينيٽر شب??ي فراز مشهور لوڪ فنڪار شوڪت علي جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ سينيٽر شب??ي فراز چيو ته پنهنجي آواز سان پاڪستانيت جاڳائيندڙ فنڪار شوڪت علي جي لاڏاڻي تي هر پاڪستاني کي دلي افسوس ٿيو آهي، هن چيو ته پاڪستانيت جي ج??بي سان گائيندڙ فنڪار شوڪت علي ولوله انگيز ملي ترانن سان دفاع پاڪستان جي جنگين ۾ تاريخي ڪرد??ر ادا ڪيو.