اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير ??ين??ٽر شبلي فراز چيو آهي ته سرڪاري ملازمن کي پنهنجا خرچ گهٽ ??رڻ بابت پاڻ سان منسوب جملن جي ترديد ڪندي چيو آهي ته اهڙي ڪا به ڳالهه ناهي ڪئي، سرڪاري ملازمن جي جائز مطالبن کي ٻڌڻ ۽ ان تي اڳڀرائي جي لاءِ تيار آهيون. وفاقي وزير ??ين??ٽر شبلي فراز پنهنجي ٽوئيٽ ۾ گذريل ڏينهن اطلاعات واري وزارت آمد جي موقعي تي مظاهرين سان ڳالهين واري وڊيو فوٽيج به شيئر ڪئي جنهن ۾ واضح طور تي ڏس?? سگهجي ٿو ته ??ين??ٽر شبلي فراز گا??ي مان لهڻ کانپوءِ تحمل سان مظاهرين جي ڳالهه ٻڌي ۽ ان جي جواب ۾ چيو ته وزيراعظم عمران خان روزاني جي بنياد تي مهانگائي گهٽ ??رڻ جي ڳالهه ڪندو آهي ۽ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ بريفنگ ۾ به ٻڌايو هو ته وفاقي ملازمن جا مسئلا حل ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش آهي، وزيراعظم عمران خان خودڪفالت شعاري مهم جو آغاز ڪيو ۽ وزيراعظم آفيس ۽ هائوس جا خرچا گهٽ ??يا پر سرڪاري ملازمن جي مسئلن ۽ مشڪلاتن جو حل اسان جي ترجيح آهي.