اسلام آباد – 25 – ڊسمبر (اي پي پي) سڄي دنيا وا??گر پاڪستان ۾ به مسيحي ب??اد??ي پنهنجو مذهبي ڪرسمس جو ڏڻ وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهايو، پاڪستان ۾ گرجا گهرن ۽ مسيحي وستين ۾ ڪرسمس جي تقريبن جو آغاز ملڪ ۽ قو?? جي سلامتي، خوشحالي ۽ ترقي جي لاءِ ??صوصي دعائن سان ٿيو. صدر، وزيراعظم کانسواءِ ??هم شخصيتن مبارڪباد جا پيغام جاري ڪيا، پوري دنيا ۾ ان اهم ڏڻ جون ڪيتريون ئي تقريبون ڪووڊ – 19 جي وبا جي ٻي لهر جي ڪري ڊجيٽل طور تي منعقد ڪيون ويون، تنهن هوندي به ملڪ جي ٻين شهرن وا??گر وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ مسيحي ب??اد??ي اهو ڏڻ روايتي جوش ۽ جذبي سان ملهائيندي احتياطي تدبيرن کي اختيار ڪيو ته جئين وائرس کي پکڙجڻ کان روڪڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو وڃي. مسيحي ب??اد??ي ڪووڊ -19 جي ايس او پيز کي اختيار ڪندي سرڪاري تقريبن کان وٺي ڪيڪ ڪٽڻ جي تقريبن تائين مختلف سرگرمين جو انعقاد ڪيو، مسيحي عملي جي ميمبرن جي خوشين ۾ شريڪ ٿيڻ جي لاءِ ??ڄي هفتي کان ئي مختلف ادارن ۾ تقريبن جو سلسلو جاري هو جڏهن ته ايوان صدر، ڪيپيٽل ڊولپمينٽ اٿارٽي، پاڪستان ريلويز، پرڏيهي وزارت، اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۽ ان جي ذيلي ادارن ۽ ٻين ڪيترن ئي کاتن ۾ ڪرسمس جي ڪيٽ ڪٽڻ جون خصوصي تقريبون منعقد ڪيون ويون. سڄي ملڪ جي گرجاگهرن ۾ خصوصي سروسز جو انعقاد ڪيو ويو ۽ مسيحي ب??اد??ي ملڪ جي امن، ترقي ۽ خوشحالي سان گڏوگڏ وبا کان ڇوٽڪاري ۽ پوري انسانيت جي حفاظت جي لاءِ ??صوصي دعائون گهريون.