اسلام آباد – 15 مئي (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) ڪورونا وائرس جي عالمي وبا کان متاثر ٿيندڙ مزدورن ۽ پورهيتن جي لاءِ هنگامي ڪيش معاونت (ڪرائٽيريا ۽ طريقيڪار) جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وزيراعظم عمران خان ان کان اڳ ان پروگرام جو اعلان ڪيو هو ۽ اي سي سي کان ان جي باضابطا منظوري وٺڻ ضر??ري هو. اجلاس جي صدارت وزيراعظم جي ناڻي ۽ اوڳ??ڙي?? واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ ڪئي.