اسلام آباد – 16اپريل (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ ??يو آهي ته وزيراعظم عمران خان جو اسرندڙ ملڪن جي غريب عوام جي حقن لاءِ آواز ٻڌو ويو آهي، غريب عوام جي تحفظ لاءِ عمران خان جي پڪار جي گونج دنيا ج?? ايوانن ۾ ٻڌي پئي وڃي، آءِ ايم ايف، ورلڊ بئنڪ ۽ جي -20 طرفان قرضن جي ادائيگين ۾ سهولت، رع??يت ۽ مدد فراهم ڪرڻ جي آجيان ڪريون ٿا.