اسلام آباد – 10 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خ??ن سان برطانيا ۾ رهندڙ سائنسدانن جي وفد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين پڻ مو??ود هو. ان موقعي تي وزيراعظم ??ي ٻڌايو ويو ته برطانيا جي مختلف ناليوارن تعليمي ۽ تحقيقي ادارن سان تعلق رکندڙ 70 سائنسدانن جو وفد پاڪستان ۾ مو????د آهي جيڪو ايگريڪلچر نيوٽريشن، هيلٿ ڪيئر ۽ بايو ٽيڪنالاجي جي فروغ جي حوالي سان ورڪشاپ ۾ شرڪت ڪري رهيو آهي.