اسلام آب??د – 03 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عم??ان خان چيو آهي ته 2020ع عوام کي نوڪريون ڏيڻ ۽ واڌويجهه جي شرح وڌائڻ جو سال آهي، ماضي ۾ عام ماڻهو جي لاءِ ڪجهه نه ڪيو ويو، اسان جو سڄو ڌيان هيٺئين طبقي جي ڀلائي تي آهي، ڳوٺن جي عوام لاءِ پڻ روزگار جا م??قعا، فنانسنگ ۽ وسيلا م??يا ڪنداسين، گهٽ آمدني وارن طبقن جي لاءِ هائوسنگ ج?? منصوبن تي تيزي سان ڪم ڪيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظه??ر هن گهٽ لاڳت گهرن جي فراهمي لاءِ بنا وياج جي قرضن جي فراهمي جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.