لاهور – 26 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم ع??ران خان چيو آ??ي ته ترقياتي ڪمن جي حوالي سان ڪنهن به علائقي کي نظرنداز نه ڪيو ويندو، اسيمب??ي ميمبر پنهنجي تڪن ۾ ع??ام سان ويجهو رابطو رکن ۽ انهن جي مسئلن جي ترجيحي بنيادن تي حل لاءِ ڪوششون ڪن، اسان جي منشور جو بنيادي عنصر ڪرپشن جو خاتمو آ??ي، اڄ دنيا پاڪستان کي سيڙپڪاري جي حوالي سان پرڪشش ملڪ طور ڏسي رهي آهي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ع??ران خان سان پنجاب مان چونڊيل پاڪستان تحريڪ انصاف جي قومي اسيمب??ي ميمبرن ملاقات ڪئي.