اسلام آباد -04 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي ڪشمير ۽ گلگت بلتستان بابت صلاحڪار قمر زمان ڪائره چ??و اهي ته 5 فيبروري تي يوم يڪجهتي ڪشمير ملهائڻ جي حوالي سا?? تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. ڪشمير ۽ گلگت بلتستان وزارت جي ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان موجب ان موقعي تي ملڪ اندر توڙي پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستاني پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سا?? ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪندا. قمر زمان ڪائره چ??و ته ڪشميري شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جي لاءِ 5 فيبروري تي سڄي ملڪ ۾ صبح ڏ??ين وڳي هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي ويندي. هن چيو ته شاهراه دستور اسلام آباد تي ڪشميري عوام سا?? ايڪي لاءِ ريلي پڻ ڪڍي ويندي. قمر زمان ڪائره چ??و ته ان مقويع تي وزيراعظم محمد شهباز شريف مظفر آباد ويندو ۽ آزاد ڪشمير قانون ساز اسيمبلي کي خطاب ڪندو، ان موقعي تي صدر ۽ وزيراعظم طرفان يوم يڪجهتي ڪشمير جي حوالي سا?? خاص پيغام پڻ نشر ڪيا ويندا. هن چيو ته 5 فيبروري جي مناسبت سا?? پرڏيهه ۾ پاڪستاني مشنز خصوصي ريليون، سيمينار ۽ تصويري نمائشن جو اهتمام ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته اسلام آباد ۾ پي اين سي اي ۽ لوڪ ورثه ۾ ٽي ڏينهن واريون تقريبون جاري آهن جن ۾ ڪشميري ثقافت کي اجاگر ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا کانعلاوه سوشل ميڊيا تي پڻ ڪشميرين سا?? ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪيو ويندو. ان ڏينهن جي مناسبت سا?? دستاويزي فلمن ۽ تصويرن جي پڻ ڀرپور نموني تشهير ڪئي ويندي. سڌ س??اء?? واري وزارت پي ٽي وي، اي جي ڪي ٽي وي ورلڊ ۽ ريڊيو ذريعي مختلف پروگرام نشر ڪيا ويندا. هن چيو ته نجي ميڊيا چينلز ۽ ايف ايم ريڊيو تان پڻ ان ڏس ۾ ڀرپور ڪوريج ڪئي ويندي. قمر زمان ڪائره چ??و ته سول ايوي ايشن، پاڪستان ريلوي، ميٽرو بس ۽ اين ايڇ اي هوائي اڏن، ريلوي اسٽيشنز، ميٽرو بس اسٽيشنز ۽ ٽول پلازن تي پڻ بينر هنيا ويا آهن. سي ڊي اي پڻ اسلام آباد جي سمورين اهم شاهراهن تي يوم يڪجهتي ڪشمير جي حوالي سا?? بينر لڳايا آهن. قمر زمان ڪائره چ??و ته ان موقعي تي سيليولر موبائل ڪمپنيون خصوصي پيغام نشر ڪنديون.