اسلام آباد– 30 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پشاور ۾ مسجد ۾ خودڪش ڌماڪي جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته عبادت دوران مسلمانن تي خودڪش حملو ڪندڙ اسلام، انسانيت ۽ پاڪستان جا دشمن آهن، اهڙيون ده??تگ??د ڪارروايون قوم جي عزم کي ڪمزور نه ٿيون ??ري سگهن، سموري پاڪستاني قوم ده??تگ??دي خلاف پرعزم آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر مسجد ۾ خودڪش حملي جي نتيجي ۾ نمازين جي شهادت تي گهري ڏک جو اظهار ڪيو. صدر چيو ته سڄي پاڪستاني قوم ده??تگ??دن جي مڪمل ۽ حتمي خاتمي لاءِ پنهنجي سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي. ده??تگ??دي جي پاڙ کان خاتمي لاءِ گڏيل ۽ ڏورس قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته ده??تگ??دن جو نظرياتي بنياد ختم ڪرڻ جي لاءِ سڀني مڪتبه فڪر کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، اسلام شهرين جي بي رحماڻي قتل ۽ خودڪش حملن جي ا??از?? بلڪل نه ٿو ڏي، اهڙيون ده??تگ??د ڪارروايون اسلامي تعليم جي ابتڙ آهن. هن خودڪش حملي ۾ زخمي ٿيندڙن جي جلد صحتيابي، حملي ۾ شهيد ٿيندڙن جي درجن جي بلندي ۽ وارثن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.