واشنگٽن – 20 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان جي نئين سياسي ۽ فوجي قيادت ملڪ جي قانونن ۽ آئي?? جو احترام نه ڪندڙ دهشتگرد تنظيمن سان ڪا ڳا??هه ٻو??هه نه ڪندي، اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي حڪومت تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) جي خوش آمد ڪرڻ واري پاليسي تي عمل پيرا هئي، هن ان يقي?? جو اظهار ڪيو ته جيڪڏهن اسان افغان عبوري حڪومت سان گڏجي ڪم ڪري سگهون ٿا جنه?? جو انهن گروهن تي اثر آهي، ته اسان پنهنجي سلامتي کي برقرار رکڻ ۾ ڪامياب ٿي وينداسين. اهڙن خيال?? جو اظهار هن ”واشنگٽن پوسٽ“ سان ڊيووس سوئيٽزرلينڊ ۾ هڪ انٽرويو ۾ ڪيو جتي هو ورلڊ اڪنامڪ فورم ۾ شرڪت ڪري رهيو آهي. پرڏيهي وزير چيو ته عمران خان ٽي ٽي پي کي نه رڳو لڪڻ جي جڳهه ڏني پر ان جي قيدين کي آزاد ڪيو جيڪي پاڪستان جي تحويل ۾ هئا ۽ انهن سان ڳا??هه ٻو??هه پڻ ڪئي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عمران خان سدائين نظرياتي طور تي انهن جي موقف جو همدرد رهيو آهي. ان سوال جي جواب ۾ ته ڇا پاڪستان کي اميد هئي ??ه نئين افغان حڪومت ٽي ٽي پي جي خلاف ڪارروائي ڪندي، پرڏيهي وزير چيو ته اسان جي اميد ۽ حقيقت ۾ ا?? جو معاهدو اهو هو ته انهن جي سرزمين دهشتگردي جي لاءِ استعمال نه ??ين??ي، اسان کي اميد آهي ته دهشتگردن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ انهن سان تعاون ڪنداسين جيڪو اسان جي لاءِ ڳڻتي جوڳو آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان ٻئي دهشتگردي جو شڪار آهن، مون کي يقين نه آهي ته افغان حڪومت دهشتگردي جي خلاف پنهنجي طور تي ڪامياب ??ين??ي ۽ نه ئي اسان دهشتگردي جي خلاف پنهنجي طور تي ڪامياب ??ين??اسين، اسان کي دهشتگردي جي لعنت کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو آهي. پرڏيهي وزير هڪ سوال جي جواب ۾ ان ڳا??هه سان اتفاق ڪيو ته جيڪڏهن 2007ع ۾ شهيد بينظير ڀٽو زندهه ره?? ها ??ه نه رڳو پاڪستان هڪ مختلف جڳهه هجي هي پر خطو مختلف رخ ۾ گامزن هج?? ها. هن چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي جو مقصد پاڪستان کي هڪ جمهوري ملڪ بڻائڻ آهي، اسان سمجهون ٿا ته انتهاپسندي ۽ دهشتگردي کي منهن ڏيڻ جو واحد رستو جمهوريت آهي. ان سوال جي جواب ۾ ته ڇا هو هلندڙ سال ۾ وزيراعظم بڻجي سگهي ٿو، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ظاهر آهي ته اڳ ۾ چونڊون کٽڻيون پونديون. هن چيو ته منهنجي پارٽي اميد ڪندي ته اسان کٽي وينداسين، پاڪستان پيپلزپارٽي جو پنهنجو منشور آهي ۽ پاڪستان کي جيڪي چئلينجز درپيش آهن مون کي يقين آهي ته اسان جي پارٽي جو منشور ملڪ جي اهم مسئلن بشمول مهانگائي ۽ بيروزگاري تي بهترين ڳا??هه ڪري ٿو. هن چيو ته مون کي يقين نه آهي ته ڪا هڪ پارٽي پاڪستان جا سمورا مسئلا حل ڪري سگهندي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جيڪڏهن اسان جي پارٽي سڀ کان وڌيڪ ووٽ حاصل ڪري ٿي ته آئون وزيراعظم طور حڪومت ٺاهڻ جي ڪوشش ڪندس ۽ هڪ اتحادي حڪومت ٺاهينداسين.