ڊيووس – 20 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته دنيا کي موسمياتي تبديلي سميت ڪيترائي چئلينجز درپيش آهن، پاڪستان کي فوڊ سيڪيورٽي ۽ توانائي جا مسئلا درپيش آهن، ٽئين دنيا جون معيشتون هن وقت دٻاءُ جو شڪار آهن، سڄي دنيا ۾ گئس جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو آهي، روس – يوڪرين جنگ جا اثر خطي سميت پوري دنيا تي پيا آهن. ڊيووس ۾ جيو پوليٽيڪل صورتحال ۾ سيڪيورٽي ۽ ڪوآرڊينيشن جي موضوع تي مڪالمي دوران ڳالهائيندي پرڏيهي وزير چيو ته يوڪرين – روس تڪ??ار جو واحد حل سفارتڪاري آهي، خطي ۾ تڪ??ارن جي حل لاءِ مثبت سوچ اختيار ڪرڻي پوندي. هن چيو ته روس ۽ يوڪرين جي وچ ۾ جنگ جا اثر خطي سميت پوري دنيا تي پيا آهن، دنيا کي م??ئل?? جي حل لاءِ گڏيل تعاون سان هلڻو پوندو. بلاول ڀٽو زرداري دنيا جي ڏکڻ ملڪن جا خدشا ختم ڪرڻ جي لاءِ عالمي مالياتي ادارن ۾ بهتري آڻڻ ۽ انهن جي نئين سر تنظيم سازي تي زور ڏنو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اسان کي تڪ??ارن ۽ موسمياتي تبديلي سميت ٻين م??ئل?? جي حل لاءِ عالمي ادارن جي معمول جي طريقيڪار طرف وڃڻ گهرجي. هن چيو ته جيڪڏهن عالمي ادارا گڏيل ق??من جي فريم ورڪ تحت موجوده دور جي گهرجن موجب ڪم ڪن ته دنيا کي خطري ۾ وجهندڙ موجوده تڪ??ار خوش اسلوبي سان حل ٿي سگهن ٿا. پرڏيهي وزير يوڪرين جي م??ئل?? جو ذڪر ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته ان م??ئل?? جي جلد حل لاءِ ڳالهين ۽ سفارتڪاري جو رستو ڳوليو ويندو. هن چيو ته موسمياتي تبديلين سميت دنيا کي ڪيترائي چئلينجز درپيش آهن، سمورين ق??من کي گڏجي موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻو پوندو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ٽئين دنيا جون معيشتون دٻاءُ جو شڪار آهن، پاڪستان کي ??ور??ڪ، توانائي، موسمياتي تبديلين ۽ معاشي مسئلا درپيش آهن. هن چيو ته جيستائين يوڪرين جي انساني بحران ۽ جانين جي زيان جو تعلق آهي، ان جي معاشي نتيجن جا اثر نه رڳو يورپ ۾ پيا آهن پر پوري دنيا سان گڏ آمريڪا ۽ پاڪستان ۾ گئس جون قيمتون وڌيون آهن. هن چيو ته اسان وٽ غذائي تحفظ، توانائي ۽ سلامتي جا مسئلا آهن، اسان يوڪرين جي تڪ??ار کي پهرين ۽ واحد موقعي طور تي نه ٿا ڏسون جڏهن عالمي قانونن ۽ گڏيل ق??من جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي خلاف ورزي ڪئي وئي هجي، اها ستم ظريفي آهي ته يوڪرين ۾ گڏيل ق??من جو اطلاق ٿئي ٿو پر عراق ۾ نه آهي، اهو افسوسناڪ آهي ته گڏيل ق??من جي سلامتي ڪائونسل جون قراردادون جيڪي هن وقت پوري يورپ ۽ پوري اولهه جي لاءِ تمام وڌيڪ معنيٰ رکن ٿيون پر ڪشمير جي معاملي تي اهي ڪاغذ کان وڌيڪ ڪجهه نه آهن. هن چيو ته اسان اميد ڪريون ٿا ته اهو م??ئل?? جلد کان جلد حل ٿي ويندو، اسان امن حاصل ڪرڻ ۾ سفارتڪاري کي به اڳتي وڌائڻ جي لاءِ ٻنهي طرفن کان وڌيڪ فعال موقف ڏسڻ چاهيون ٿا، سفارتڪاري کي اهميت ڏيڻ گهرجي، افغانستان ۾ تڪ??ار کي ڳالهين جي ميز تي حل ڪيو ويو جڏهن ته هن چيو ته اسان گهڻو وقت ضايع ڪيو ڇو ته 2002ع ۾ افغان طالبان هٿيار اڇلائڻ ۽ ڳالهيون ڪرڻ تي راضي هئا پر اسان ان موقعي کي سنجيدگي سان نه ورتو ۽ 2022ع ۾ به ائين ئي ڪرڻو پيو. پرڏيهي وز??ر اميد ظاهر ڪئي ته يوڪرين جي تڪ??ار کي آخرڪار ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتي ذريعن سان حل ڪيو ويندو. مڪالمي جي شرڪت ڪندڙن چيو ته سڄي دنيا ۾ موسمياتي تبديلي، توانائي بحران ۽ غربت جهڙا مسئلا اڀري سامهون اچي رهيا آهن. هنن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته روس ۽ يوڪرين کي امن قائم ڪرڻ جي لاءِ ڳالهه ٻولهه جو رستو اختيار ڪرڻو پوندو.