اسلام آباد – 10 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف گذريل پوڻن چئن سالن دوران بجلي جي منصوبن جي تعمير ۾ تعطل بابت انڪوائري ڪميشن جي رپورٽ جلد پيش ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ملڪ ۾ درآمدي ٻارڻ سان مهانگي بجلي بدران ماڻهن کي سولر جو متبادل ڏنو ويندو، شمسي توانائي سان نه رڳو مهانگي درآمدي ٻارڻ جو بل گهٽ ٿيندو پر گهٽ لا??ت، ماحول دوست بجلي پيدا ٿ??ندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ سڄي ملڪ ۾ سولر قدمن تي اعليٰ سطحي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وزيراعظم هدايت ڪئي ته گذريل پوڻا چئن سالن دوران بجلي جي منصوبن جي تعمير ۾ تعطل تي انڪوائري ڪميشن جي رپورٽ جلد پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ درآمدي ٻارڻ سان مهانگي بجلي بدران ماڻهن کي سولر جو متبادل ڏنو ويندو. ٻه سال اڳ نااهل نيازي حڪومت جي 2020ع ۾ ڏني ويندڙ متبادل توانائي پاليسي نه رڳو ناڪام ٿي پر ان کانپوءِ ان شعبي ۾ سيڙپڪاري به نه آئي. صارفين کي سولر سسٽم جي فراهمي دوران بلوچستان کي خصوصي ترجيح ڏني وڃي. سولرائيزيشن سان نه رڳو مهانگي درآمدي ٻارڻ جو بل گهٽ ٿيندو پر گهٽ لا??ت، ماحول دوست بجلي پيدا ٿ??ندي. اجلاس کي ??هانگي درآمدي ٻارڻ جھي متبادل ۾ گهٽ لا??ت سولر بجلي منصوبن تي تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ??ڌايو ويو ته حڪومت ايندڙ ڪجهه مهينن ۾ 14000 ميگ??وا?? جا سولرائيزيشن جا منصوبا جاري ڪندي جن ۾ 9000 ميگ??وا?? جا منصوبا ترجيحي بني??دن تي مڪمل ڪيا ويندا. منصوبن ۾ سولر سسٽم نه رڳو رعايتي قيمتن تي ڏنا ويندا پر ان تي ٽيڪس جي مد ۾ پڻ مراعتون ڏنيون وينديون. وزيراعظم ترجيحي بني??دن تي انهن منصوبن کي ??ڪمل ڪرڻ جي لاءِ جلد ٺوس منصوبابندي ڪرڻ جي هدايت ڪئي.