فيصل آباد – 04 – آگسٽ (اي پي پي) حڪومت والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ??لم ۽ ڏاڍ خلاف ۽ والاريل خط?? جي اڳوڻي آئيني حيثيت جي بحالي لاءِ عالمي سطح تي ??واز اٿاري، آزادي حاصل ڪرڻ تائين ڪشميري ڀائرن سان گڏ آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار ايم پي اي علي عباس خان اي پي پي سان ڪشمير استحصال ڏهاڙ?? جي حوالي سان ڳالهائيندي ڪيو. هن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته والاريل ڪشمير تي ڀارتي ??لم ۽ ڏاڍ ۽ آئيني حيثيت تبديل ڪرڻ جي حوالي سان عالمي سطح تي ??واز اٿاري. هن چيو ته عالمي دنيا کي ڪشمير ۾ ڀارتي ??لم ۽ ڏاڍ کي بند ڪرائڻ گهرجي ۽ ڪشمير جي اڳوڻي آئيني حيثيت بحال ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻڻ گهرجن. هن چيو ته ڪشمير پاڪستان جي شهه رڳ آهي ان کي حاصل ڪري ئي سک جو ساهه کڻنداسين. ڪشمير جي آزادي حاصل ڪرڻ تائين ڪشميرين ڀائرن سان گڏ آهيون انهن سان گڏ بيٺل آهيون. انهن جي سفارتي، سياسي، سماجي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکنداسين.