ڪوئيٽا – 01 – آگسٽ (اي پي پي) بلوچستان اسيمبلي جي ميمبر مير سليم کوسا چيو آهي ته والار??ل ڄمون ۽ ڪشمير ڪيترن ئي سالن کان غيرقانوني طور تي ڀارتي فوج جي گهيري ۾ آهي، والار??ل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين پائمالين جو سلسلو جاري آهي. مودي سرڪار 5 آگسٽ 2019ع تي والار??ل ڄمون ۽ ڪشمير جي قانوني حيثيت تبديل ڪري معصوم ڪشميرين تي ظلم ۽ ڏاڍ ڪري رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪشمير استحصال ڏاهڙي جي موقعي تي اي پي پي سان ڳالهائيندي ڪيو. صوبائي اسيمبلي ميمبر مير سليم کوسا چيو ته تڪراري علائقي جي جاگراف??ائ?? حيثيت کي تبديل ڪرڻ، گڏيل قومن جي قراردادن جي خلاف ور??ي آهي. هن چيو ته والار??ل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي هٿان هڪ لک کان وڌيڪ ڪشميري پنهنجي جانين تان هٿ ڌوئي ويٺا آهن جيڪو انساني حقن جي تنظيمن جي لاءِ پڻ سواليه نشان آهي. هن وڌيڪ چيو ته عالمي برادري جي اخلاقي ذميواري آهي ته اها ڪشميرين جي انساني ۽ سياسي حقن جي لاءِ آواز اٿاري. هن چيو ته پاڪستان سدائين ڪشميري عوام سان يڪجهتي ۽ انهن جي خودمختياري جي حق سان گڏ بيٺل آهي. بلوچستان جي عوام پنهنجي ڪشميري ڀائرن سان ڪلهو ڪلهي ۾ م??ائي ويٺل آهي. عالمي اڳواڻن جي خاموشي ڀارت کي ڪشمير تي غيرقانوني قبضي ۽ ظلمن کي جاري رکڻ جو جواز فراهم ڪري رهي آهي. الله تعاليٰ ڪشميري عوام کي انهن جي آزادي جي جدوجهد ۾ ڪاميابي عطا فرمائي.