اسلام آباد – 17 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪست??ن ۽ سعودي عرب ڪيترن ئي ??لائقائي ۽ عالمي معاملن تي هم آهنگي رکن ٿا، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف ??عب?? ۾ اسٽريٽجڪ ۽ وسع البنياد حصيداري کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو ??ظهار پاڪستان ۾ سعودي عرب جي سفير نواف بن سعيد احمد المالڪي ??ان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪست??ن ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ گڏيل مذهب، گڏيل قدرن ۽ ثقافت تي ٻڌل پراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو ??ظهار ڪيو ويو. صدر چيو ته سعودي عرب ??ان پنهنجي لاڳاپن کي انتهائي ??هميت ڏي ٿو جنهن سدائين مشڪل وقت ۾ پاڪستان جو ??اٿ ڏنو آهي، هن وڌيڪ چيو ته ٻئي ملڪ ڪيترن ئي ??لائقائي ۽ عالمي معاملن تي هڪجهڙو موقف رکن ٿا، هن ٻنهي ڀائر ملڪن جي گڏيل مفاد لاءِ سعودي عرب ??ان مختلف ??عب?? ۾ اسٽريٽجڪ ۽ وسيع النبياد حصيداري کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو، واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ وڌائڻ ۽ ٻنهي ملڪن جي واپارين ۽ چيمبرز آف ڪامرس کي گڏيل واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ لاءِ باقاعدگي ??ان ڳالهيون ڪرڻ جي ترغيب ڏيڻ تي زور ڏنو. صدر چيو ته سعودي عرب ۾ 20 لک کان وڌيڪ پاڪستاني ٻنهي ڀائر ملڪن جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، ان موقعي تي صدر خادم حرمين شريفين لاءِ نيڪ خواهشن جو پيغام به ڏنو ۽ چيو ته پاڪستاني عوام سندس بهتر صحت ۽ وڏي عمر لاءِ دعاڳو آهي.