اسلام آباد ?? 29 – اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر زاهد اڪرم خان دراني سان توانائي واري وفاقي وزير خرم دستگير پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ خيبرپختونخوا خاص طور تي ڏکڻ ضلعن ۾ ٿيندڙ لوڊشيڊنگ ۽ توانائي جي شعبي ۾ ??ين مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. توانائي واري وزير ڊپٽي اسپيڪر کي ڊپٽي اسپيڪر جو قلمدان سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏيندي چ??و ته ملڪ مان لوڊشيڊنگ جو خاتمو بنا وقفي بجلي جي فراهمي موجوده حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي ۽ ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڀرپور قدم کنيا پيا وڃن.