اسلام آباد – 09 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ڀارتي رياست ڪرناٽڪ ۾ پيش آيل واقعي جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته اسان جي ڳڻتي هاڻي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير تائين محدود ناهي رهي، ڪرناٽڪ جو وا??عو ان جو واضح ثبوت آهي، بي جي پي سرڪار جي ناروا پاليسين جي ڪري خطي جي امن کي درپيش خطرن جي حوالي سان هڪ بيان ۾ پرڏيهي وزير چيو ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين ۽ ظلمن طرف اسا?? عالمي برادري جو ڌيان مسلسل ڇڪرائيندا رهيا آهيون جڏهن ته وزيراعظم عمران خان هر ڀيري چئي چڪو آهي ته اسان کي اسلامو فوبيا جي وڌندڙ رجحان تي شديد ڳڻتي آهي. هن چيو ته نيامي ۾ منعقد، او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 47 هين اجلاس ۾ پاڪستان نه رڳو اسلامو فوبيا جي وڌندڙ رجحانن جي خلاف ??واز بلند ڪيو پر اسلامو فوبيا جي خلاف متفقه طور تي منظور ٿيندڙ قرارداد به پاڪستان پيش ڪئي. اسان جا خدشا اڄ حقيقت جو روپ ڌاري رهيا آهن، ڪرناٽڪ جو وا??عو ان جو ثبوت آهي، اڄ دنيا ڏسي رهي آهي ته هندستان ۾ حجاب جي نالي تي ٻارڙين کي ت??ليم جهڙي زيور کان محروم ڪيو پيو وڃي، شاهه محمود قريشي چيو ته هندستان ۾ اقليتن سان مسلسل ناروا سلوڪ ڪيو ويندو رهيو جيڪو انتهائي ڳڻتي جهڙي ڳالهه آهي، هندستان هڪ طرف پاڻ کي سيڪيولر ازم ۽ جمهوريت جو علمبردار چورائيندو آهي ۽ ٻي طرف لباس تي پابنديون لڳايون پيو وڃڻ. پرڏيهي وزير چيو ته هندستان ۾ ڪروڙين مسلمان رهن ٿا، اسان جو پنهنجو هڪ تمدن آهي ۽ هڪ تهذيب آهي، ڪالهه جيڪو ڪرناٽڪ ۾ ٿيو اهو هندستان ۾ رهندڙ ڪروڙين مسلمانن کي جنجهوڙڻ لاءِ ڪافي آهي. هو دٻايل ضرور آهن پر جيڪڏهن هو دٻجي خاموش به رهيا ته ظلم جو سلسلو بند نه ٿيندو، شاهه محمود قريشي چيو ته کين پنهنجي بنيادي انساني حقن جي ت??فظ لاءِ اٿي بيهڻو پوندو. هن چيو ته ڪرناٽڪ ۾ پيش آيل واقعي جي شديد مذمت ڪريان ٿو، آئون اڄ انساني حقن جي علمبردار تنظيمن جو ڌيان ڪرناٽڪ ۾ پيش آيل افسوسناڪ واقعي جي طرف ڇڪرائڻ چاهيان ٿو، اڄ خاموش نه رهو هندستان ۾ تعليم پرائيند?? انهن ٻارڙين لاءِ آواز اٿارين جنهن کان تعليم حاصل ڪرڻ جو حق کسڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، آئون هندستان ۾ رهندڙ سيڪيولر سوچ جي حامل طبقن کي به چوندس ته هو پنهنجي ملڪ جي ت??خص کي بچائڻ لاءِ مسلمان اقليت سان ٿيندڙ ناروا سلوڪ جي خلاف ??واز بلند ڪن، شاهه محمود قريشي چيو ته انشاءُ الله 22/23 مارچ تي اسلام آباد ۾ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جو 48 هون اجلاس منعقد ٿيندو. ان اجلاس ۾ فسلطين مسئلي، ڪشمير مسئلي، اسلامو فوبيا سميت مسلمان امت کي درپيش چئلينجز بحث هيٺ ايندا، اسان کي اهو به ڏسڻو آهي ته اسان مسلمانن جي حقن جي ت??فظ لاءِ او آءِ سي جي پليٽ فارم کي ڪهڙي طرح موثر انداز ۾ استعمال ۾ آڻي سگهون ٿا.