اسلام آباد – 02 فيبروري (اي پي پي) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي سينئر ترين جج جسٽس عمر عطابنديال 28هين چيف جسٽس آف پاڪستان طور پنهنجي عهدي جو حلف کڻي ورتو آهي. ايوان صدر ۾ ٿيندڙ هڪ پروقار تقريب ۾ صدر ڊ??ڪٽر عارف علوي کائنس حلف ورتو، تقريب ۾ وزيراعظم عمران خان خصوصي طور تي شرڪت ڪئي. جڏهن ته تقريب ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر، ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري، اطلاعات ۽ نشريات واري ??فا??ي وزير چوڌري فواد حسين، پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي، قانون ۽ انصاف واري ??فا??ي وزير بئريسٽر ڊ??ڪٽر نسيم فروغ، سميت ٻين ??فا??ي وزيرن ۽ مملڪتي وزير، پارليامينٽ جي ميمبرن، ججن، وڪيلن جي تنظيمن جي عهديدارن ۽ سول فوجي عملدار شرڪت ڪئي. ان موقعي تي جسٽس عمر عطابنديال چيف جسٽس جي طور تي مقرري جو نوٽيس به پڙهي ٻڌايو. صدر ڊ??ڪٽر عارف علوي سپريم ڪورٽ جي سينئر ترين جج جسٽس عمر عطابنديال کي چيف جسٽس آف پاڪستان مقرر ڪيو ان جي مقرري جو نوٽيفڪيشن 2 فيبروري کان لاڳو هوندو، ان کان پهرين چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار حسين پهرين فيبروري تي پنهنجي ملازم?? جي مدت پوري ڪرڻ کانپوء?? رٽائر ٿي ويو هو.