اسلام آباد – 22 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته پاڪستان ??ي صحت جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي خواهشمند ٻاهرين ملڪ رهندڙ ڊاڪٽرن جي سهولت لاءِ سيڙپڪاري بورڊ ۾ ڊيسڪ قائم ڪئي وڃي، ايسوسيئيشن آف فزيشن آف پاڪستاني اوريجن آف نارٿ آمريڪا (اي پي پي اين اي) کي وزيراعظم جي قومي صحت ٽاسڪ فورس ۾ مناسب نمائندگي ڏئي ان شعبي ۾ ان جي اڻ ڳ??ين مهارتن مان فائدو حاصل ڪيو وڃي. وزيراعظم عمران خان سان ايسوسيئيشن آف فزيشن آف پاڪستاني اوريجن آف نارٿ آمريڪا (اي پي پي اين اي) جي وفد هتي ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وزيراعطم چيو ته ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستاني ڊاڪٽر?? کي پاڪستان ۾ معياري صحت جي نظام جي فراهمي لاءِ وڏي سيڙپڪاري ڪرڻ گهرجي، وزيراعظم اتر آمريڪا ??ي صحت جي شعبي ۾ اي پي پي اين اي جي خدمت?? کي ساراهيندي ان تي زور ڏنو ته هو پاڪستان ۾ جديد ترين طبي سهولتن جي فراهمي لاءِ وڌ کان وڌ سڌو سنئون غير ملڪي سيڙپڪار?? کي متوجهه ڪرڻ لاءِ پنهنجي طاقت جو استعمال ڪن. اي پي پي اين اي ??ي صدر ڊاڪٽر رضوان خالد ڪووڊ – 19 کي منهن ڏيڻ لاءِ ??ڪو??ت جي نمايان ڪامابين تي وزيراعظم کي مبارڪباد ڏني، هن ٻاهرين ملڪ پاڪستاني?? کي ووٽ جو حق ڏيڻ سان گڏوگڏ ان جي سهولتن لاءِ پاور آف اٽارني جي لاءِ آن لائين سسٽم قائم ڪرڻ تي وزيراعظم جو ٿورو ادا ڪيو. هن وزيراعظم کي خاطري ڪرائي ته هو پاڪستان ۾ نه رڳو خيراتي ۽ فلاحي منصوبن ۾ پر صحت جي شعبي ۾ موثر پاليسي سازي ۾ به پنهنجو حصو وجهندا، هنن چيو ته انه?? کي ان سلسلي ۾ سرڪاري تعاون ۽ سهولت جي ضرورت آهي، وزيراعظم ان موقعي تي لاڳاپيل عملدار?? کي هدايت ڪئي ته هو اي پي پي اين اي کي وزيراعظم جي قومي صحت ٽاسڪ فورس ۾ مناسب نمائندگي ڏئي ڪري ان شعبي ۾ ان جي اڻ ڳ??ي مهارت مان فائدو حاصل ڪن، وزيراعظم پاڪستان ??ي صحت جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جي خواهشمند ٻاهرين ملڪ پاڪستاني ڊاڪٽرن جي سهولت لاءِ سيڙپڪاري بورڊ ۾ هڪ مخصوص ڊيسڪ قائم ڪرڻ جي به هدايت ڪئي، ملاقات ۾ وزيراعظم جو خصوصي صلاحڪار ڊاڪٽر فيصل سلطان به شامل هو.