اسلام آباد – پهرين نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فر?? حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان پاڪستاني معيشت کي مستحڪم گروٿ تي گامزن ڪري ڇڏيو آهي، ملڪي روانگي واپار ۾ اضافو، زرعي پيداوار ۾ اضافو، ٽي??س وصولي ۾ اضافو رڪارڊ ٿيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ فر?? حبيب چيو ته لارج اسڪيل مينوفيڪچرنگ مٽاسٽا جي ناڻي ۾ اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته رڪارڊ اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس، 2021ع جولاءِ کان سيپٽمبر ڪمپنين جو منافعو 2020ع جي ??يٽ ۾ 21 سيڪڙو، 2019ع جي ??يٽ ۾ 66 سيڪڙو وڌيڪ آهي. مملڪتي وزير چيو ته انجنيئرنگ سيڪٽر ?? 351 سيڪڙو، ٽي??سٽائيل 163 سيڪڙو، آٽو موبائيل 131 سيڪڙو، سيمنٽ 113 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ٿيو. هن چيو ته پيپر اينڊ بورڊ 87 سيڪڙو، آئل اينڊ گئس 74 سيڪڙو، انرجي اينڊ پيٽروليم جي منافعي ۾ 29 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي.