اسلام آباد – 21 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نوجوان ن??ل کي اسلامي تاريخ جي باري ۾ آگاهي فراهم ڪرڻ جي لاءِ جديد ميڊيا جي ذريعن کي استعمال ۾ آڻڻو پوندو ۽ روايتي موضوعن کان هٽي ڪري تاريخي ڪهاڻين تي ٻڌل ڊراما ۽ فلمون ٺاهڻيون پونديون. اهڙن خ??الن جو اظهار هن فلمسار شهزاد نواز، ترڪ پروڊيوسر ايمري ڪونڪ، سيد جنيد علي شاهه ۽ ڊاڪٽر ڪاشف سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ سين??ٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو چيئرمين سينيٽر فيصل جاويد به موجود هو. وزيراعظم چيو ته صلاح ال??ين ايوبي تاريخ جو اهڙو ڪردار آهي جنهن جي اولهه ۾ به مثال ڏيندا آهن، هن بيت المقدس جي تاريخي فتح کانپوءِ عام معافي جو اعلان ڪيو. وزيراعظم چيو ته صلاح ال??ين ايوبي جي زندگي تي سيريز نوجوانن کي ان تاريخي ڪردار بابت آگاهي ڏيندي. ملاقات ۾ وزيراعظم کي پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ گڏيل منصوبي صلاح ال??ين سيريز تي تفصيلن کان آگاهه ڪيو ويو. سيريز تي منصوبابندي مڪمل آهي جڏهن ته ان جي شوٽنگ جو آغاز ايندڙ سال اپريل ۾ ڪيو ويندو.