اسلام آباد -18 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي سلامتي واري صلاحڪار ڊاڪ??ر معيد يوسف چيو آهي ته ڀارت ??فغ??نستان ۾ حقيقتن کي ??ڪائڻ لاءِ ڪوڙن ۽ غلط بيانئي کي ??وائي ڏئي رهي آهي، جڏهن ته پاڪستان ماضي وانگر اڄ به پنهنجي مخلصاڻين ۽ حقيقتن تي ٻڌل موقف پيش ڪري رهيو آهي، اڄ ??فغ??نستان ۽ دنيا هڪ اهم موڙ تي آهن، ??فغ??نستان ۾ انساني بحران نه ٿئي ان لاءِ عالمي برادري تي اجتماعي ذميواري لاڳو ٿئي ٿي ته طالبان سان انگيجمينٽ ڪجهه ملڪن لاءِ سياسي طور مشڪل ضرور ٿي سگهي ٿي ليڪن هي هڪ نازڪ موقعو آهي. قومي سلامتي جي صلاحڪار برطانوي رسالي ”دي انڊپينٽ“ ۾ شايع ٿيل مصمون ۾ لکيو آهي ته ??فغ??نستان مان فوجين جي واپسي جي افراتفري کان پاسو ڪرڻو هو، بدقسمتي ڀارت جهڙن علائقائي بگاڙ پيدا ڪندڙن ڪوڙي بيانئو بڻائي حقيقت کي ??ڪائڻ هو. ??فغ??نستان ۾ بين الاقوامي ڪوششون ??فغ??ن عوام جي نظر ۾ جائز ناهن. هن چيو ته پاڪستان ??فغ??نستان ۾ جنگ جي خاتمي لاءِ هميشه ڳالهين ۽ سياسي حل جي حمايت ڪئي آهي، اسان جي مشوري کي ??ظر انداز ڪيو ويو جڏهن ته ??فغ??نستان جي جنگ سان پاڪستان ب??ي طرح متاثر ٿيو آهي. اسان جي قربانين جو اعتراف ڪرڻ بدران اسان تي ڊبل گيم جا الزام لڳايا ويا. حقيقت اها آهي ته اسان 80 هزار کان وڌيڪ معصوم جانين جي قرباني ڏني ۽ 150 ارب ڊالرن کان وڌيڪ معاشي نقصان جو بار کنيو.