اسلام آباد – 16 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدا??ت ڪئي آهي ته وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ قبضن جي ??ڪمل خاتمي لاءِ ٺوس ۽ منظم پلان جوڙيو وڃي، وڻ??اري ۽ گرين ايرياز جي تحفظ جي ??هم ۾ مقامي ماڻهن جي ڀرپور شرڪت کي يقيني بڻائڻ لاءِ مراعتون ڏيڻ تي غور ڪيو وڃي. هن اها هدايت وفاقي گادي واري شهر سان لاڳاپيل معاملن تي اجلاس جي صدارت ڪندي ڏني. اجلاس ۾ منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر، سي ڊي اي معاملن بابت خاص مددگار علي نواز اعواڻ، سي ڊي اي چيئرمين عامر علي احمد، ايم اين اي راجا خرم نواز ۽ لاڳاپيل سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اسلام آباد ۾ قبضن ۽ ان جي خلاف جاري ڪارروائي تي بريفنگ ڏيندي سي ڊي اي چيئرمين ٻڌايو ته قبضن جو وڏو سبب متفقه ريگوليٽري فريم ورڪ جي کوٽ آهي ڇو ته سي ڊي اي، رجسٽرار سوسائيٽين ۽ ايس اي سي پي جي ??چ ۾ ورهايل آهي، وزيراعظ?? سمورن قاعدن ۽ بلڊنگ بائي لاز کي موثر طور لاڳو ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ لاءِ هڪ مضبوط ۽ واحد ريگوليٽري باڊي جي اهميت تي زور ڏنو. هن هدا??ت ڪئي ته وفاقي گادي واري شهر ۾ قبضن جي شڪايت جي ??ڪمل خاتمي لاءِ ٺوس ۽ منظم پلان جوڙيو وڃي ۽ ان حوالي سان اڳواٽ قدمن کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڊرونز سميت جديد ٽيڪنالاجي کي استعمال ۾ آندو وڃي. وزيراعظم وڏي پئماني تي وڻ??اري مهم جي ذريعي اسلام آباد جي ??احول جي حفاظت تي زور ڏنو. هن هدا??ت ڪئي ته وڻ??اري ۽ گرين ايرياز جي تحفظ جي ??هم ۾ مقامي ماڻهن جي ڀرپور شرڪت کي يقيني بڻائڻ لاءِ مراعتون ڏيڻ تي غور ڪيو وڃي.