اسلام آباد – 28 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سال 2020ع ۾ 323 ارب روپين جي ??ص??لي تي قومي احتساب بيورو جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ت?? معاشري مان بدعنواني جي خاتمي، شفاف گورننس ۽ احتساب جي ??روغ لاءِ وڌيڪ موثر قدم کنيا وڃن، بدعنواني کان پاڪ پاڪستان جي ??يزن جي ??ڄاڻي لاءِ احتساب سڀني لاءِ يقيني بڻائڻ جي ضرورت آهي، هو نيب جي چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال سان ڳالهائي رهيو هو جنهن ايوان ص??ر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي، ان موقعي ت?? نيب جي چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال صدر کي سال 2020ع بابت نيب جي رپورٽ پيش ڪئي، هن نيب جي ڪارڪردگي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته نيب سال 2020ع ۾ 24 هزار 706 شڪايتون مليون، ان دوران گذريل سال جي شڪايتن سميت مجموعي طور تي 30 هزار 405 شڪايتون اڪلايون ويون، هن چيو ته نيب 878 شڪايتن جي ت??سيع تي ڪارروائي ڪئي، جڏهن ته 369 انڪوائريز ۽ 175 انويسٽيگشنز ڪيون ويون، ان کانسواءِ گذريل سال احتساب عدالتن ۾ 136 ريفرنس داخل ڪيا ويا، نيب چيئرمين چيو ته سال 2020ع دوران پراسيڪيوشن ڪاميابي جو مجموعي ت??اسب 66 سيڪڙو رهيو، صدر سال 2020ع ۾ 323 ارب روپين جي رڪوري ڪرڻ تي نيب جي ??اکاڻ ڪئي.