فيصل آباد – 28 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته 2018ع جي عا?? چونڊن جي موقعي تي چونڊ مهم دوران عوام سان ڪيل سمورا واعدا پورا ڪيا پيا وڃن جڏهن ته ماڻهن کي هنرمند بڻائڻ لاءِ ٽيڪنيڪل ڪاليج جي قيام سميت سستا گهر تعم??ر ڪيا ويندا ۽ آئيڊياز جي حامل بي وسيلا نوجوانن کي 20 لک تائين سرمائي جي فراهمي سميت هر شهري کي صحت ڪارڊ به فراهم ڪيو ويندو ته جيئن هو 10 لک روپين تائين پنهنجي بيماري جو علاج ڪرائي سگهي ۽ ان کي پنهنجي پسند جي اسپتال ۾ پنهنجي پسند جي ڊاڪٽر کان وسيلا نه هجڻ جي باوجود علاج جي بهترين سهولت ميسر اچي سگهي. هو سٽي ڪائونسل 86 فيصل آباد جي علائقي چڪ 225 ارب احم?? نگر ۾ لکين روپين جي لاڳت سان مڪمل ٿيندڙ اسڪول ۾ اضافي ڪمرن جي تعمير، نئين پارڪ ۽ ڊسپينسري جي افتتاح جي موقعي تي خيالن جو اظهار ڪري رهيو هو.