اسلام آباد – 24 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پي آءِ اي کي قومي اثاثو قرار ڏيندي چيو آهي ته قومي ايئر لائين جو ماضي شاندار آهي، پي آءِ اي کي عالمي سطح تي پنهنجو مقام واپس حاصل ڪرڻ ۽ ان کي منافع بخش بڻائڻ لاءِ ان جي سروس کي عالمي معيار موجب بڻائڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار پي آءِ اي جي حوالي سان هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ هوابازي وارو وفاقي وزير غلام سرور خان، صلاحڪار ڊاڪٽر عشرت حسين، سينيٽر نعمان وزير خٽڪ، ايوي ??يش?? جو سيڪريٽري شوڪت علي، سي اي او ايئر م??رش?? (ر) ارشد ملڪ، ڊي جي سول ايوي ??يش?? ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. ڊاڪٽر عشرت حسين اجلاس کي پي آءِ اي جي نئين سر جوڙجڪ جي حڪمت عملي جي باري ۾ آگاهه ڪ??و جنهن سان نه رڳو پي آءِ اي جي مالي حالت ۾ ب??تر?? آڻي سگهجي ٿي پر ان جي منافع بخش روٽ وڌائي عالمي رخن تي سروس فراهم ڪري سگهجي ٿي، ايئر م??رش?? (ر) ارشد ملڪ وزيراعظم کي پي آءِ اي جي ب??تر?? لاءِ کنيل قدمن ۽ ان سان اداري تي پوندڙ مثبت اثرن کان آگاهه ڪ??و.