اسلام آباد – 30 سيپٽمبر (اي پي پي) سينيٽ جي چيئرمين محمد صادق سنجراڻي اسلام آباد ۾ ڪويت جي سفارتخاني ويو جتي هن ڪويت جي امير شيخ صباح الاحمد الصباح جي ??اڏاڻي تي تعزيتي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثر قلمبند ڪيا، سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب سينيٽ چيئرمين ان موقعي ڪويت جي سفير سان ڳالهائيندي چيو ته ڪويت جو امير ترقي پسند سوچ رکندڙ عظيم اڳواڻ هو، ڪويت جي امير جي ??يادت ۾ ڪويت اقتصادي ۽ معاشي ترقي جو هڪ نئون دور ڏٺ?? آهي، هن چيو ته ڪويت جي امير جي ??اڏاڻي سان پاڪستان هڪ عظيم ۽ مخلص دوست کان محروم ٿ?? ويو.