اسلام آباد – 10 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ملڪ ۾ ڪڻڪ جي دستيابي جي موجوده تسلي بخش صورتحال ۽ پنجاب صوبي پاران باقاعدگي سان ڪڻڪ جي رليز تي اط??ينان جو اظها رڪندي چيو آهي ته مستقبل جي ضرورتن جي حوالي سان وقت سر اڳواٽ انتظامن کي يقيني بڻايو وڃي، ڪڻڪ جي وڏي مقدار سان گڏوگڏ مناسب قيمتن کي يقيني بڻائڻ به حڪومت جي اولين ترجيح آهي ته جيئن عوام ??ي بنيادي خوراڪ جي ڏس ۾ ڪنهن قسم جي مشڪل نه ڏسڻي نه پوي، اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪڻڪ ۽ کنڊ جي دستيابي ۽ قيمتن جي حوالي سان اعليٰ سطح جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي وزير محمد حماد اظهر سينيٽر شبلي فراز، سيد فخر امام، ناڻي وا??و صلاحڪار ڊاڪٽر عب??الحفيظ شيخ، مرزا شهزاد اڪبر، خصوصي صلاحڪار داڪٽر شهباز گل، اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر، پنجاب جو خوراڪ وا??و وزير عب??العليم خان، لاڳاپيل ادارن جا سيڪريٽريز، جڏهن ته چيف سيڪريٽرين وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.