اسلام آباد – 05 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪورونا وائرس جي وبا جي ڪري معيشت کي استحڪام ڏيڻ ۽ ت??قي جي راهه تي ملڪ کي گامزن ڪرڻ جون ڪوششون متاثر ٿيون آهن، حڪومت انهن شعبن کي فروغ ڏيڻ تي ڌيان ڏ??ي رهي آهي جن سان معاشي عمل کي فروغ ملي ۽ روزگار جا موقعا پيدا ٿ??ن، غيرترقياتي خرچن ۾ گهٽتائي آڻڻ ۽ سڌارن ??ي عمل کي تيز ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن مالي سال 21 – 2020ع جي بجيٽ جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. ناڻي واري صلاحڪار جي قيادت ۾ حڪومتي معاشي ٽيم وزيراعظم کي ايندڙ مالي سال جي بجيٽ جي اوڳاڙ??ن، خرچن ۽ ان حوالي سان زميني حقيقتن کي سامهون رکندي حڪومت جي ترجيحن کي عملي جامعو پارائڻ جي حوالي سان حڪمت عملي تي بريفنگ ڏني.