اسلام آباد – 22 – فيبروري (اي پي پي) وزير??عظ?? محمد شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته اسلام آباد جي ڳوٺاڻن علائقن جي رهواسين کي بهترين سهولتون فراهم ڪيون وڃن، اسلام آباد ۾ جاري ترقياتي ڪمن تي 24 ڪلاڪ ڪم يقيني بڻايو وڃي، هر منصوبي جي ٿرڊ پارٽي ويليڊيشن يقيني بڻائي وڃي، اسلام آباد ۾ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ جي ٺوس نظام جي تعارف جي حوالي سان سي ڊي اي رپورٽ پيش ڪري، اسلام آباد ۾ پارڪنگ جا مسئلا فوري طور تي حل ڪيا وڃن. وزير??عظ?? آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان م??جب وزير??عظ?? محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ اسلام آباد ۾ جاري ترقياتي منصوبن تي جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾و زير??عظ?? اسلام آباد جي ڳوٺاڻي علائقن جي ترقي ۽ انفراسٽرڪچر جي حوالي سان پڻ تفصيل طلب ڪيا. وزير??عظ?? جي سمنڊ پار پاڪستانين جي لا??ِ سي ڊي اي جي منصوبن کي تيز رفتاري سان مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته سمنڊ پار پاڪستانين جي لا??ِ جاري منصوبن کي عالمي معيار تي تعمير ڪيو وڃي، سمنڊ پار پاڪستانين جي لا??ِ منصوبن کي شفاف ۽ طريقيڪار آنل ائين بڻايو وڃي، سمنڊ پار پاڪستانين کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي لا??ِ هر قسم جي سهولت فراهم ڪئي وڃي. وزير??عظ?? اسلام آباد ۾ ترقياتي منصوبن تي ڪم جي رفتار کي تيز ڪرڻ ۽ عوامي منصوبن کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪرڻ جي لا??ِ جائزه ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي. وزير??عظ?? کي ٻڌايو ويو ته اسلام آباد جي ڳوٺاڻي علائقن جي ترقي جي لا??ِ سي ڊي اي 10 ارب رپين جي رقم رکي آهي جنهن سان سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ، سيوريج جو نظام ۽ رستن جي تعمير ۽ بحالي ۽ پبلڪ ٽرانسپورٽ جون اسڪيمون مڪمل ڪيون وينديون. اجلاس کي بهاره ڪهو باءِ پاس، سيونٿ ايونيو انٽرچينج، مارگلا اوينيو، 11 ايوينيو، آءِ جي پي روڊ، اسلام آباد ايڪسپريس وي ۽ پارڪنگ پلازه جي جاري منصوبن جي حوالي سان تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته بهاره ڪهو باءِ پاس تي 24 ڪلاڪ ڪم جاري آهي. وزير??عظ?? بهاره ڪهو باءِ پاس کي جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزير??عظ?? چيو ته بهاره ڪهو باءِ پاس عوامي نوعيت جو اهم منصوبو آهي جنهن جي تعمير ۾ ڪنهن به قسم جو تعطل قبول نه ڪيو ويندو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سيونٿ ايونيو انٽرچينج ۽ مارگلا ايونيو منصوبا مڪمل ٿي چڪا آهن. آءِ جي پي روڊ جو توسيعي منصوبو 23 مارچ تائين مڪمل ڪيو ويندو. اليونٿ ايونيو ۽ اسلام آباد ايڪسپريس وي جو فيز ون هلندڙ سال جي وچ ڌاري جڏهن ته بليو ايريا پارڪنگ پلازه ۽ ايڪسپريس وي جو فيز ٽو هلندڙ سال جي پڄاڻي تائين مڪمل ڪيا ويندا. اجلاس ۾ سي ڊي اي چيئرمين پاران ٽرانسپورٽ جي فيڊر روٽس ۽ بس ٽرمينل جي حوالي سان پڻ بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سي ڊي اي پاران عالمي معيار جو هڪ نيشنل بس ٽرمينل ۽ 3 سيٽلائيٽ ٽرمينل ٺاهيا ويندا جنهن ۾ نجي شعبي جي سيڙپڪاري ٿيندي. ان کانسواءِ 90 ڏينهن ۾ بسن جا 13 فيڊر روٽس شروع ڪيا پيا وڃن جڏهن ته چار فيڊر روٽس هن وقت ڪم ڪري رهيا آهن. اسلام آباد جي پبلڪ ٽرانسپورٽ سسٽم جي ذريعي روزاني جي بنياد تي 2 لک جي لڳ ڀڳ ماڻهو معياري سفري سهولتن مان فائدو کڻي رهيا آهن. وزير??عظ?? کي اسلام آباد ۾ پارڪنگ جي مسئلن جي حل لا??ِ سي ڊي اي جي قدمن کان آگاهه ڪيو ويو. وڌيڪ اهو ته سي ڊي اي ايف ايٽ، ايف ٽين، جي نائن، آئي ايٽ ۽ بليو ايريا ۾ پارڪنگ پلازه ٺاهي رهي آهي. 5000 گاڏين جي پارڪنگ جي ص??اح??ت سان اهو پارڪنگ پلازه شهر ۾ پارڪنگ جي مسئلي کي حل ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. سي ڊي اي چيئرمين سمنڊپار پاڪستانين جي لا??ِ رهائشي منصوبن تي پڻ تفصيلي بريفنگ ڏني. وزير??عظ?? هدايت ڪئي ته انهن م??صوبن کي عالمي معيار تي آڻڻ جي لا??ِ انهن ۾ بهترين سهولتون م??سر ڪيون وڃن. وزير??عظ?? چيو ته سمنڊ پار پاڪستاني اسان جو قيمتي اثاثو آهن، انهن م??صوبن ۾ سيڙپڪاري جي لا??ِ نظام کي شفاف ۽ خودڪار بڻايو وڃي. منصوبن جي راهه ۾ ڪنهن به قسم جي رڪاوٽ يا تعطل قبول نه ڪيو ويندو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن اسحاق ڊار، راڻا ثناءُ الله، وزير??عظ?? جي صلاحڪار احد چيما، خاص معاون طارق باجوه، اڳوڻي وفاقي وزير طارق فضل چوڌري، اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبرن حنيف عباسي، انجم عقيل ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.