اسلام آباد– 23 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي و??ير بلاول ڀٽو زردار?? اقتصاد?? تعاون تنظيم (اي سي او) جي 26 هين وزارتي ڪائونسل جي اجلاس ۾ شرڪت ڪري رهيو آهي، جيڪو 23 ۽ 24 جنوري تي ازبڪستان جي گادي و??ري شهر تاشقند ۾ ٿي رهيو آهي. ڪانفرنس جو موضوع ”رابطي کي مضبوط بڻائڻ جو سال“ آهي. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي و??ير بلاول ڀٽو زرداري و??ارتي ڪائونسل جي اجلاس کي خطاب ڪندو ۽ ان موقعي تي ميمبر ملڪن جي و??يرن ۽ ٻين نمائندن سان ٻطرفيون ملاقاتون ڪ??دو. ڪائونسل آف منسٽرز اقتصاد?? تعاون تنظيم جو پاليسي ساز فورم آهي، جيڪو تنظيم جي فيصلن ۽ سالياني و??ڪ پلان جي منظوري ڏي ٿو، اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته اقتصاد?? تعاون تنظيم جو 25 هون وزارتي ڪائونسل اجلاس نومبر 2021ع ۾ اشڪ آباد ترڪمانستان ۾ ٿيو هو، پاڪستان هڪ باني ميمبر طور اقتصاد?? تعاون تنظيم (اي سي او) جي لاءِ پرعزم آهي، جنهن جو مقصد مواصلات، واپار، ثقافت ۽ رابطن تي خصوصي ڌيان سان گڏ موثر علائقائ?? تعاون کي فروغ ڏيڻ آهي.