اسلام آباد– 18 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب بلوچستان جي ضلعي پنجگور ۾ پاڪ ايران سرحد ??ي ده??تگردن جي فائرنگ سان پاڪ فوج جي چئن جوانن جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ده??تگرد عنصر پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ لاڳاپا خراب ڪرڻ چاهين ٿا، اسان جا ح??صلا مضبوط آهن، اسان جي سيڪيورٽي فورسز ده??تگردن کي شڪست ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهن. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير فائرنگ جي واقعي ۾ شهيد ٿيندڙ سپاهي اسد علي، ??انس نائيڪ فريد الله خان، لانس نائيڪ عبدالرزاق ۽ لانس نائيڪ محمد يونس خان کي خراج عقيدت پيش ڪيو. هن چيو ته شهيدن جي پونئيرن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. اطلاعات واري وفاقي وزير فائرنگ جي واقعي ۾ شهيد اهلڪارن جي درجن جي بلندي ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.