اسلام آباد – 11 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم مح??د ش??باز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات (يو اي اي) جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن کي مضبوط کان مضبوط تر بڻائڻ جا خواهشمند آهيون، پاڪستان ۽ يو اي اي جي وچ ۾ واپاري، اقتصادي ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ تعاون جا وسيع موقعا موجود آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پريس رليز موجب وزيراعظم پاڪستان جي سمورن لاڳاپيل ادارن جي مڪمل تياري سان يو اي اي جي دوري تي وڃي رهيو آهي. وزيراعظم مح??د ش??باز شريف پنهنجي ٻن ڏينهن جي يو اي اي جي دوري جي حو??لي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪئي. وزيراعظم چ??و ته پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي لاڳاپن کي نئين بلندين تائين وٺي وڃڻ چاهيون ٿا. ان سلسلي ۾ وسيع موقعا موجود آهن جن جو ٻنهي ملڪن کي ڀرپور فائدو کڻڻ گهرجي. وزيراعظم گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ مح??د بن زيد النهيان جي دعوت تي سڀاڻي خميس کان ٻن ڏينهن جي دوري تي روانو ٿي رهيو آهي. دوري دوران ٻطرفي گڏيل معاشي ۽ اقتصادي لاڳاپن جي فروغ لاءِ وزيراعظم اماراتي اڳواڻن، واپارين ۽ سيڙپڪارن سان ملاقاتون ڪندو.