اسلام آباد- 05 ڊسمبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته ٻوڏ جي آفت کي مُنهن ڏ??ڻ لاءِ سڄو ملڪ گڏ ٿيو آهي، سمورا ادارا، سول سوسائٽي ۽ حڪومت گڏجي ڀر??ور ڪم ڪيو آهي، ٿڌ جي موسم کي نظر ۾ رکندي ٻوڏ متاثرن کي اڃا به امداد جي ضرورت آهي، حڪومت ۽ قوم گڏجي ان جذبي سان پاڪستان کي اڳتي وٺي ويندا، ٻوڏ کي مُنهن ڏيڻ ۾ اين ايف آر سي سي جو ڪردار مثالي رهيو آهي. نيشنل فلڊ رسپانس اينڊ ڪو??رڊ??نيشن سينٽر جي پڄاڻيءَ واري ??يشن کي خطاب ڪندي وفاقي وزير جو چوڻ هو ته ٻوڏ کان 30 ارب ڊالرن جو نقصان ٿيو آهي، محنت ۽ پنهنجي وسيلن جو استعمال ڪندي نقصانن جو ازالو پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ??هيا آهيون. ريسڪيو ۽ رليف جي ڪمن ۾ پاڪ فوج سميت سمورا فورسز ۽ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن مثالي ڪم ڪيو. ٻوڏ کانپوءِ ريسڪيو ۽ رليف بحاليءَ جي سرگرمين کي بنا رڪاوٽ جاري ??کڻ تي وزيراعظم شهباز شريف ۽ سڄي قوم طرفان اين ايف آر سي سي جي پوري ٽيم کي خراجِ تحسين پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته حڪومت موسمياتي تبديليءَ جي مستقبل جي چئ??ين??ز کي نظر ۾ رکندي بحالي ۽ ٻيهر تعمير جي گهڻ رُخي حڪمت عملي بڻائي آهي جنهن کي ڊونرز ڪانفرنس ۾ عالمي برداريءَ آڏو پيش ڪنداسين. ٿڌ جي موسم ۾ ٻوڏ متاثرن کي اسان جي امداد جي ضرورت آهي، سرنديءَ وارا ماڻهو ۽ ادارا پنهنجو ڀر??ور ڪردار جاري ??کن. نيشنل ڪو??رڊ??نيٽر اين ايف آر سي سي ليفٽيننٽ جنرل ظفر اقبال سيشن کي پنهنجي خطاب ۾ ٻوڏ جي صورتحال کي مُنهن ڏيڻ ۾ وزيراعظم پاڪستان ۽ ڊپٽي چيئرمين اين ايف آر سي سي احسن اقبال جي لاڳيتي ڪوششن کي ساراهيو. هن چيو ته اين ايف آر سي سي جي جهنڊي هيٺان سمورا قومي ادارا، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون ۽ عالمي امدادي ادارا ٻوڏ کانپوءِ بحالي لاءِ ڀر??ور تعاون ڪيو جنهن تي سندن شڪرگذار آهيون.