اسلام آباد-30 نومبر (اي پي پي) نيشنل ڊزاسٽرمينيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ ۽ پاڪستان ۾ آ??ري??ا جي سفير ڊونلڊ بلوم وچ ۾ ملاقات ٿي. ملاقات ۾ اين ڊي ايم اي چيئرمين آ??ري??ي قيادت ?? ٻوڏ سٽيلن لاءِ امداد کي ساراهيو ۽ خوفناڪ ٻوڏ بابت رد عمل جي نقطه نظر کي فعاليت ۾ تبديل ڪرڻ جي اين ڊي ايم اي جي ويزن بابت آگاهه ڪيو. هن مستقبل جي ٽيڪنالاجي تي ٻڌل فريم ورڪ جي ضرورت کي اجاگر ڪيو جيڪو ملڪ جي ڊزاسٽر رسڪ اٽلس جهڙا قدم کڻڻ کانسواءِ سمورن اسٽيڪ هولڊرز، انساني همدردي جي ادارن ۽ عالمي عطيو ڏيندڙن سان جامع هنگامي رد عمل جو انٽرفيس ٿي سگهي ٿو. هن نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ڊزاسٽرمينيجمينٽ بابت پڻ آگاهه ڪيو. اين ڊي ايم اي چيئرمين گڏيل مستقبل کي محفوظ بڻائڻ لاءِ پائيدار ترقي جي هدفن موجب ”ڪلائيميٽ ملينيم هدف“ لاءِ عالمي عزم جي ضرورت کي پڻ اجاگر ڪيو. آ??ري??ي سفير ٻوڏ متاثر علائقن ۾ نقصانن کي گهٽ کان گهٽ ڪرڻ لاءِ حصيدارن جي تعاون سان جاري آ??ري??ي ڪوششن تي روشني وڌي ۽ آبهوا سبب متاثر ڊزاسٽرمينيجمينٽ جي شعبي ۾ مضبوط تعاون تي زور ڏنو.