اسلام آباد- 21 نومبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي گهروارن جي ٽيڪس معلومات جي غير قانوني ۽ غير ضروري ليڪ ٿيڻ جو سختي سان نوٽيس وٺندي خاص مددگار طارق محمود پاشا کي ايف بي آر ڊيٽا جي خ??اف ورزي جي فوري جاچ ڪرڻ جي هد??يت ڪئي ??هي. ناڻي واري وفاقي وزير ان سلسلي ۾ 24 ڪلاڪن ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ جي هد??يت ڪئي ??هي. ناڻي واري وزارت طرفان جاري بيان مطابق ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار، آرمي چيف جي گهروارن جي ٽيڪس معلومات جي غير قانوني ۽ غير ضروري ليڪ ٿيڻ جو سخت نوٽيس ورتو آهي. ه?? چيو ته اهو واضح طور تي ٽيڪس جي معلومات جي مڪمل رازداري جي خ??اف ورزي آهي جيڪو قانون فراهم ڪندو آهي. ڪجهه غير ذميوارن طرفان ان سنگين ڪوتاهي کي نظر ۾ رکندي ناڻي واري وفاقي وزير، وزيراعظم جي خاص مددگار طارق محمود پاشا کي هد??يت ڪئي ??هي ته هو ذاتي طور تي ٽيڪس قانون ۽ ايف بي آر جي ڊيٽا جي خ??اف ورزي جي فوري جاچ جي قيادت ڪري ۽ ذميوارن جو تعين ڪندي 24 ڪلاڪن ۾ رپورٽ پيش ڪري.