ڪراچي- 24 آڪٽوبر (اي پي پي) غربت جي خاتمي ۽ سما??ي تحفظ واري وفاقي وزير ۽ پي پي پي پارليامينٽرينز جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري شازيه عطا مري پاران سينيئر صحافي ۽ اينڪر پرسن ارشد شريف جي ڪينيا ۾ حادثي دوران لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي پونئيرن سان تعزيت ڪئي آ هي. وفاقي وزير شازيه مري پنهن??ي تعزيتي پيغام ۾ چيو آهي ته سينيئر صحافي ارشد شريف جي ڪينيا ۾ حادثي دوران لاڏاڻي جو ٻڌي ڏک ۽ صدمو رسيو آهي. ھن چيو ته ڏک جي هن گهڙي ۾ سوڳوار خاندان سان ھمدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪريون ٿا ۽ دعا گھري ??ه الله تعاليٰ مرحوم جا درجا بلند ۽ پونئرن کي صبر جي توفيق عطا فرمائي.