اسلام آباد – 19 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهبا?? شريف چيو آهي ته پاڪستان پنهنجي ٻاهرئين مُلڪن جي قرضن کي ري شيڊيول ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪري رهيو آهي پر ان ??ي ٻوڏ ک??ن متاثر علائقن ۾ رستن، پلين ۽ ٻئي انفراسٽرڪچر جي نئين سر تعمير جهڙن وڏن منصوبن جي لاءِ وڏي رقم گهربل آهي، سائنسدانن ٻوڏ کي موسمياتي تبديلي جي اثرن جو نتيجو قرا?? ڏنو آهي، اسان رڳو موسمياتي انصاف گهري رهيا آهيون، تلافي جو لفظ بلڪل استعمال نه ڪري رهيا آهيون. لاهور ۾ پنهنجي رهائشگاهه تي ”فنانشل ٽائيمز“ کي هڪ انٽرويو ۾ وزيراعظم چيو ته اسان ??نهن به قسم جي قدمن بشمول ري شيڊيولنگ يا موريٽوريم جي لاءِ نه چئي رهيا آهيون پر اضافي فنڊز گهري رهيا آهيون. هن چيو ته اسان جا مطالبا ۽ جيڪو ڪجهه اسان ??ي ملي رهيو آهي ان جي وچ ۾ وڏو فرق آهي، جيڪو ڏينهون ڏينهن وسيع ٿيندو پيو وڃي. وزيراعظم چيو ته اسان واضح طور تي فڪرمند آهيون ڇو ته جيڪڏهن عدم اطمينان ??هري سياسي عدم استحڪام جو سبب بڻجي ٿو ۽ اسان پنهنجي بنيادي گهرجن ۽ هدفن کي پورو نه ٿا ڪري سگهون ته اهو ظاهر آهي ته ڳنڀير مسئلن جو سبب بڻجي سگهن ٿا. هن چيو ته آئون اهو ڪنهن به قسم جي خطري جي لحاظ کان نه چئي رهيو آهيان پر ان جو حقيقي ام??ان موجود آهي. وزيراعظم شهبا?? شريف چيو ته اسان رڳو موسمياتي انصاف جو مطالبو ڪري رهيا آهيون، اسان ”معاوضي“ جو لفظ بلڪل استعمال نه ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته پاڪستان جتان به ٿي سگهيو اضافي فنڊز حاصل ڪندو، اسان موسمياتي تبديلي سان ٿيندڙ تباهي جو شڪار آهي ۽ ان جي خلاف جنگ ۾ آهي، سڀاڻي ڪو ٻيو ملڪ به ٿي سگهي ٿو ۽ اسان نه ٿا چاهيون ائين ٿئي. 32