اسلام آباد – 17 آڪٽوبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال جي صدارت هيٺ نيشنل فلڊ ريسپانس اينڊ ڪو آرڊينيشن سينٽر (اين ايف آر سي سي) جو اجلاس ٿيو. اجلاس ?? اين ڊي ايم اي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل اختر نواز، نيشنل ڪو آرڊينيٽر اين ايف آر سي سي ليفٽيننٽ جنرل ظفر اقبال، فوڊ سيڪيورٽي واري وزارت جي اعليٰ عملدارن ۽ زراعت کاتي جي صوبائي سيڪريٽرين شرڪت ڪئي. فورم کي ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ پاڻي جي نيڪالي وارن قدمن، درياهن، ڊيمن ۾ پاڻي جي آمد ۽ نيڪال بابت بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ جاري سروي تي هن وقت تائين ٿيل اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو، جنهن مطابق ڪي پي ڪي جي 20 ضلعن، بلوچستان جي 26 ضلعن ۾ گڏيل سروي مڪمل ٿي چڪي آهي. جڏهن ته سنڌ جي 22، بلوچستان جي 6 ۽ ڪي پي ڪي جي 13 ضلعن، پنجاب جي 2 ضلعن ۾ سروي جاري آه??. ا??ن ايف آر سي سي هدايت ڏني ته گڏيل سروي جلد مڪمل ڪرڻ لاءِ ٽيمن جي انگ ۾ واڌ ڪئي وڃي. اجلاس ?? متاثر آبادگارن کي ربيع جي فصل جي ٻج جي فراهمي جي قدمن جو جائزو ورتو ويو. وفاقي وزير هدايت ڪئي ته فوڊ سيڪيورٽي واري وزارت ۽ صوبن کي ٻج جي خريداري ۽ ورهاست جو معاملو فوري طور حل ڪري ٽانڪ ۾ متاثرن لاءِ ماڊل وليج جي قيام تي پڻ اڳڀرائي جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي.