اسلام آباد – 13 – سيپٽمبر (اي پي پي) ايشيا پيسفڪ ملڪن جي بين الپارلياماني يونين جي سيمينار جي شرڪت ڪندڙن کي ٻوڏ جي تازين تباهين ۽ ان جي عورتن ۽ ٻارن تي اثرن جي حوالي سان مختصر دستاويزي پروگرام ڏيکاريو ويو. پارليامينٽ هائوس ۾ شرڪت ڪندڙن کي ان دستاويزي پروگرام ۾ ٻڌايو ويو ته متا??ر علائقن ۾ هن آفت سان سوين فوتگيون ٿيون آهن، متا??ر علائقن ۾ 90 سي??ڙو بيٺل فصلون تباهه ٿي ويون، ٻوڏ جي ڪري وڏي انگ ۾ عورتن، بيواهن ۽ ٻارن کي مشڪلاتون ??رپ??ش آهن، 75 هزار حاملا عورتن کي هن ئي مهيني ٻارن جي پيدائش جي لاءِ سهولتن جي ضرورت آهي، ٻاهرئين امداد کانسواءِ ٻوڏ کان متا??ر عورتون بحال نه ٿيون ٿي سگهن. دستاويزي پروگرام ۾ ٻڌايو ويو ته ٻوڏ سان 400 ٻار فوت ٿي??، 160 پليون، سوين ڪلوميٽر رستا تباهه ٿي??، متاثر معصوم ٻارن جي چهرن تي مسڪراهٽ ۽ زندگي جي رونق بحال ڪرڻ جي لاءِ ريسڪيو ۽ بحالي جي ضرورت آهي.