اسلام آباد – 26 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف بجلي جي صارفين جي شڪايتن جي ازالي لاءِ اعليٰ سطحي ڪميٽي قائم ڪندي 200 يونٽن وارن صارفين ??ي بلن کي 24 ڪلاڪن اندر گهٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. اها هدايت وزيراعظم پنهنجي صدارت هيٺ بجلي جي صارفين جي مسئلن جي حل لاءِ اعليٰ سطحي اجلاس ۾ ڪئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته وزيراعظم پاران بجلي صارفين جي لاءِ ريليف پئڪيج تي عملدرآمد يقيني بڻايو پيو و??ي. هڪ ڪروڙ 66 لک صارفين کي فيول پرائيس ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ڏنل ريليف تحت بلن جي تص??يح جاري آهي. وزيراعظم ريليف جي قدمن کيتي فوري عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جون هدايتون جاري ڪيون. وزيراعظم بجلي صارفين جون شڪايتون ختم ڪرڻ جي لاءِ اعليٰ سطحي ڪميٽي قائم ڪر?? ڇڏي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته 200 يونٽن تائين وارن بجلي صارفين ??ي بلن ۾ اعلان ڪيل ريليف کي 24 ڪلاڪن ۾ شامل ڪيو و??ي ۽ صارفين ??ي بلن کي گهٽ ڪيو و??ي. بجلي ??ي بلن جي تص??يح جي لاءِ ڊسڪوز جو عملو 24 ڪلاڪ ڪم ڪندو. بلن جي تص??يح لاءِ عملي جون موڪلون ختم ڪري ان ڪم کي فوري اڪلائي مون کي رپورٽ پيش ڪئي وڃ??. ب?? جمع ڪرائڻ جي لاءِ بئنڪن کي اڳئين ڏينهن به کليل رهڻ جي هدايت ڪئي وڃي.