لاهور – 05 – آگسٽ (اي پي پي) قو??ي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته خطي ۾ پائيدار امن قائم ڪرڻ جي لاءِ ڪشمير مسئلي جي حل لازمي آهي. والاريل ڪشمير ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ ضروري آهي ته آرٽيڪل 370 ۽ 35 اي کي ان جي اصل صورت ۾ بحال ڪيو وڃي. ڪشمير مسئلي تي پوري ??اڪستاني قوم متحد آهي ۽ پنهنجي ڪشميري ڀائرن سان گڏ بيٺل آهي. پاڪستان پارلياماني سفارتڪاري جي ذريعي سمورن عالمي ۽ علائقائي فورمن تي ڪشميرين جو ڪيس ڀرپور انداز ۾ وڙهي رهيو آهي. اسپيڪر گڏيل قومن تي زور ڏنو ته هو ڪ??مير مسئلي تي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائي ۽ ڀارت تي والاريل ڪشمير ۾ طاقت جي استعمال کي بند ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو ڪ??دار ادا ڪري. هن ڪشميري حريت اڳواڻ ياسين مل?? تي ڀارت پاران عمر قي?? جي سزا ٻڌائڻ ۽ ان تي ڪيل ظلمن جي سختي سان مذمت ڪئي ۽ عال??ي انساني حقن جي تنظيمن کي اپيل ڪئي ته اهي ياسين مل?? سميت ڀارتي جيلن ۾ قي?? سمورن حريت اڳواڻن جي آزادي جي لاءِ پنهنجو ڪ??دار ادا ڪن.