اسلام آباد – 18 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته گلگت بلتس??ان هر لحاظ کان پاڪس??ان جو هڪ زرخيز خطو آهي، هتي سياحت جا وسيع موقعا موجود آهن، جنهن جي تيز ترين ترقي جي لاءِ وڌيڪ قدم کڻڻ گهر??ن. ??يوان صدر ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب گلگت بلتس??ان اسيمبلي جي ميمبرن سان ملاقات دوران صدر چيو ته هڪ سٺي حڪومت جي اها سڃاڻپ آهي ته ??ها ترقي جي سفر ۾ تيزي سان اڳتي وڌي ٿي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ??ئون پاڪس??ان جي ترقي بابت پراميد آهيان، ڪورونا وائرس جي وبا ۾ به اسان دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن کان وڌيڪ ترقي ڪئي آهي، اسان ۾ هر لحاظ کان اڳتي وڌڻ جي صلاحيت موجود آهي ۽ ملڪ جو مستقبل روشن آهي. صدر چيو ته گلگت بلتس??ان ۾ سياحت ۽ ٻئي ميدان ۾ وسيلن جي ڀيٽ ۾ هنرمند ماڻهن جي کوٽ آهي. ان لاءِ انهن وسيلن کي موثر طريقي سان استعمال ۾ آڻڻ ۽ علائقي کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ جي لاءِ وڌ کان وڌ هنرمند ماڻهن جي ضرور?? پوندي. بلتس??ان يونيورسٽي جي وائيس چانسلر جي مقرري بابت صدر چيو ته ??لائقي ۾ معياري تعليم فراهم ڪرڻ ۽ يونيورسٽي ۾ پيشيواراڻي قيادت کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ انتهائي قابل، اهل ۽ موزون شخصيت جي مقرري ڪئي ويندي. هن چيو ته ??عل??ٰ تعليم جي فروغ لاءِ گلگت بلتس??ان جي ٻين ضلعن ۾ به ميمبرن جي مطالبن کي نظر ۾ رکندي قراقرم يونيورسٽي ۽ بلتس??ان يونيورسٽي جا ڪئمپس قائم ڪيا ويندا. صدر گلگت بلتس??ان جي ترقي جي لاءِ ضروري وسيلن جي فراهمي جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. ملاقات ۾ گلگت بلتس??ان جو وڏو وزير ۽ گلگت بلتس??ان اسيمبلي جا ميمبر جن ۾ حڪمران ۽ مخالف ڌر پارٽين جا ميمبر پڻ موجود هئا.