اسلام آباد – 19 – جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو آهي ته عوام جي ترقي ۽ خوشحالي موجوده حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، اخوت فائونڊيشن پاران بنا وياج قرضن جي ف??اه??ي هڪ ??وش آئنده قدم آهي، بنا وياج قرضن سان عوام کي پنهنجو ڪاروبار شروع ڪرڻ جو موقعو ملندو. اسپيڪر سيڪريٽري?? پاران جاري پڌرائي موجب گوجر خان ۾ اخوت فائونڊيشن پاران بنا وياج قرضن جي ف??اه??ي جي لاءِ منعقد تقريب کي خطاب ڪندي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو ته اخوت فائونڊيشن جي سرب??اه?? ڊاڪٽر امجد ثاقب جي اڻٿڪ خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو، ڊاڪٽر امجد ثاقب جي عوامي خدمتن جي اڻٿڪ جذبي کي سنهري لفظن ۾ لکيو ويندو. راجا پرويز اشرف چيو ته اخوت فائونڊيشن جي عوامي خدمتن جي ڪارنامي کي پوري دنيا ۾ سا??اه??و پيو وڃي، انسانيت جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪندڙ ماڻهو ئي ملڪ ۽ قوم جا حقيقي هيرو آهن، وچولي ۽ پيڙهيل طبقي جي زندگين ۾ تبديلي آڻڻ هڪ ??ظيم ڪارنامو آهي، مس??قل مزاجي ۽ مضبوط ارادي سان عوام جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪندڙ ماڻهن تي قوم کي فخر آهي. راجا پرويز اشرف چيو ته مون کي هڪ ڀيرو ٻيهر الله تعاليٰ گوجر خان جي عوام جي خدمت جو موقعو ف??اه?? ڪيو آهي، گوجر خان جي عوام جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ ڪا ڪسر نه ڇڏي ويندي، گوجر خان ۾ هن وقت ترقياتي منصوبا جاري ٿي چڪا آهن. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته عوام جي ترقي ۽ خوشحالي موجوده حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، اخوت فائونڊيشن پاران بنا وياج قرضن جي ف??اه??ي هڪ ??وش آئنده قدم آهي، بنا وياج قرضن سان عوام کي پنهنجو ڪاروبار شروع ڪرڻ جو موقعو ملندو.